پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) ميرواھ گورچاڻي واسي عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل عابد اسلم آرائين 18 لک ڀنگ ڀري آزاد ٿي ويو آھي، تصديق سندس ڀاءُ شھزاد اسلم آرائين ڪئي آھي، جڏھن ته اٺ مغوي اڃان تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾آھن، صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ تي ڪلوڙ برادري جي چيف سردار عبدالواحد ڪلوڙ جي اوطاق تي ڪٺ ٿيو، جنھن ۾ اتفاق راءِ سان اڄ سڌوجا اسٽاپ کان پريس ڪلب پنوعاقل تائين ريلي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. احتجاجي ريلي کانپوءِ مغوي نوجوان بازياب نه ٿيا ته اڱاري ڏينهن نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ لھڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آھي. سردار عبدالواحد ڪلوڙ جو چوڻ هو ته پوليس روز پئي آسرا ڏي ان ڪري مغوي نوجوانن جي بازيابي لاءِ اسان پاڻ ھاڻ ڪچي جو رخ ڪنداسين. ، ڪٺ ۾ ڪلهوڙا برادري جي اغوا ٿيل چئن مغوين جي وارثن سميت ٻين علائقي جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي آھي. ياد رھي ته تعلقي پني عاقل مان صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ ۽ چونگھا واسي ٽي نوجوان علي رضا ڪلھوڙو ، اختيار ڪلھوڙو ۽ فرحان ڪلھوڙو ، ھدايت الله ڪلھوڙو سميت جتوئي برادري جا ٽي نوجوان پڻ اغوا ٿيل آھن ، ھوڏانھن صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ جي بازيابي لاءِ آل پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن شوڪت ملاڻو ، عاشق چاچڙ ۽ ٻين چيو ته مغوي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو .