اڪري چودڳي (ن پ ا) تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ جي ٻئين ڏينهن به کوٽائي آرڪيالاجي ماهر پروفيسر غلام مصطفيٰ شر ۽ قائد عوام يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگرد رياض احمد جي نگراني ۾ جاري رهي، ٻئي ڏينهن ٿيندڙ کوٽائي ۾ دڙي هيٺان وڏو شھر هجڻ جي دعويٰ ڪندي ٻڌايو ته اسان کي صرف 30 سينٽي ميٽر مطلب اڌ فوٽ کوٽائي جي اجازت آھي جنهن ذريعي صرف مٿيون مٽي جو تھ هٽائي ان مٿان واري ڍڪي نڪرندڙ آثار کي محفوظ بڻائڻو آهي. ماهرن موجب ايتري ٿيل کوٽائي مان زمين اندر دفن ٿيل گهرن ماڳن مڪانن دڪانن جا آثار چٽا ٿيا آهن هي هڪ تاريخي شھر هو، جتان مٿين تھ جي کوٽائي بعد گهرن ورڪشاپن ۽ آڳر اڱڻ اوطاقن جا چٽا آثار ملن ٿا ماهرن چواڻي ته هتي اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ ڪجھ ڏينهن ۾ پشاور ۽ اسلام آباد مان آرڪيالاجي جا ماهر ۽ يونيورسٽي جا شاگرد ايندا جن سان گڏجي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو عيد ڪورونا وبا ۽موسم جي خرابي سبب کوٽائي جو ڪم سست آهي سياري ۾ تاريخي ماڳ جي کوٽائي جو ڪم تيزي سان ڪيو ويندو ماهرن قبضا گيرن پاران تاريخي ماڳ جي زمين آباد ڪرڻ هلايل بلڊوزرن سبب تاريخي ماڳ جي زمين اندر دفن ٿيل آثارن کي پهتل نقصان تي ڳڻتي پڻ ظاهر ڪئي.