ڪراچي/ ميرواهه گورچاڻي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ميرواهه گورچاڻي واسي نوجوان قتل، ان ڏس ۾ گلشن اقبال بلاڪ 4 ۾ جوابدارن نوجوان نوشاد ولد محمد الياس راجپوت کان روڪ رقم ڦر ڪئي، مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. نوشاد ڪراچي ۾ ڪنسٽرڪشن جو ڪم ڪندو هو. نوجوان جي اڻ مندائتي موت سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. شهر ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي پوليس موجب مقتول بينڪ مان هڪ لک 96 هزار ڪڍرائي اچي رهيو هو، مقتول اڏاوت هيٺ عمارت ۾ ٺيڪيدار سان گڏ ڪم ڪندو هو،