گلگت (۾ ڊ) گلگت بلتستان ۾ 11 سالن جي ٻارڙي کي زيادتي کان پوءِ قتل ڪيو ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب واقعو گلگت بلتستان جي ضلعي غذر ۾ پيش آيو. پوليس جو چوڻ ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي اڻ ڄاتل جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو ٻڌائڻ آهي ته شڪ جي بنياد تي ٽن ڄڻن جا نمونا وٺي ڊي اين اي لاءِ موڪلي ڇڏيا آهن.