ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ محمود آباد ڪي اليڪٽرڪ گرڊ اسٽيشن کي غير قانوني قرار ڏيندي ٻن مهينن اندر منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته محمود آباد ڪي اليڪٽرڪ گرڊ اسٽيشن گرين بيلٽ تي قائم آهي، انهي کي ٻن مهينن اندر گرين بيلٽ تان هٽايو وڃي. عدالت ڪي ايم سي کي گرين بيلٽ اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اتي پارڪ ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي. چيف جسٽس چيو ته گرين بيلٽ کي ڪمرشل سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي نٿا سگهون. درخواستگذار پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته پي اي سي ايچ ايس سوسائٽي گرين بيلٽ ڪي اليڪٽرڪ کي ڏنو آهي، جڏهن ته گرين بيلٽ جو پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي سان ڪو به تعلق ناهي، اها ڪي ايم سي جي ملڪيت آهي