ميئر لنڊن جي چونڊن ۾ پاڪستان ڄائو صادق خان ڪامياب

0
451

لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) ميئر لنڊن جي چونڊن ۾ پاڪستان ڄائو ليبر پارٽي جو اميدوار صادق خان ڪامياب ٿي ويو آهي.انگلينڊ جي گادي واري ميٽرو پوليٽن شهر لنڊن ۾ ٿيل ميئرشپ جي چونڊن ۾ صادق خان لڳاتار ٻيو ڀيرو به ڪاميابي ماڻي ورتي. صادق خان 12 لک، 6 هزار 34 ووٽ کڻي حڪومتي پارٽي جي اميدوار شان بيلي کي شڪست ڏني. شان بيلي 9 لک 77 هزار 601 ووٽ کنيا. صادق خان 2005 ۾ ليبر پارٽي جي ٽڪيٽ تي پارليامينٽ جو ميمبر ٿيو هو. پهريون ڀيرو 2016 ۾لنڊن جو ميئر چونڊيو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي صادق خان چيو ته اسان سڀني جي ذميوار آهي ته گڏجي پيار محبت سان رهون. هن چيو ته منهنجو واعدو آهي ته مختلف قومن کي ويجهو آڻيان، انهن وچ ۾ موجود ويڇن کي ختم ڪريان.