لڪي مروت: ھٿياربندن جي فائرنگ، پوليس اھلڪار شھيد، جوابي فائرنگ ۾ 2 دھشتگرد مارجي ويا

0
206

پشاور (بيورو روپورٽ) لڪي مروت ڀرسان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. خيبر پختونخواهه جي پنجاب سان لڳندڙ سرحدي ضلعي لڪي مروت جي ڊاڊي والا ٿاڻي جي حد ۾موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪئي. فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب اي ايس آءِ محمد شاهه شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 هٿياربند مارجي ويا. لڪي مروت پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند دهشتگرد هئا، جن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل هٿياربندن جي قبضي مان هٿيار به مليا آهن.