وفاق پاران والدين تحفظ آرڊيننس 2021 جاري

0
345

اسلام آباد( بيورورپورٽ) ملڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي والدين تحفظ آرڊيننس 2021 جاري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 تحت جاري ڪيو ويو. آرڊيننس موجب والدين کي گهران ڪڍڻ تي هڪ سال قيد جي سزا سان گڏ اولاد کي گهر خالي ڪرائڻ لاءِ والدين کي اختيار هوندو. آرڊيننس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن کي ميجسٽريٽ سامهون پيش ڪيو ويندو.