نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي پنهنجي وڪيل ڏاڏو سليمان ڏاهري ۽ وڪيل يعقوب ڏاهري سان گڏ سيشن ڪورٽ نوابشاهه پهچي ضمانت ڪرائي ورتي. ضمانت ٿيڻ کان پوءِ احمد سولنگي روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مون مٿان جعلي نوڪري وٺرائي ڏيڻ جو الزام ڪوڙو آهي. منھنجو نالو احمد حسين آھي، ايف آءِ آر احمد علي سولنگي تي ڪٽيل آھي، منھنجو ھن ايف آءِ آر سان ڪوبه تعلق ناهي، اھو فون نمبر جيڪو آھي اھو ديپڪ شرما جي نالي سان آھي، اھو ڪم جاچ آفيسر جو آھي ته ان ماڻھوءَ کي ڳولي، منھنجي شاعراڻي، ادبي، ملازمت جي ساک متاثر ٿي آھي جيڪڏھن ھي ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو ته مان انھن ڌرين تي حرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرائيندس ۽ جن به منھنجو ميڊيا ٽرائل ڪيو آھي انھن خلاف قانوني قدم کڻندس. قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه جي وائيس چانسلر پاران احمد سولنگي تي وزيراعليٰ هائوس مان جعلي فون ذريعي ڏوڪري واسي نوجوان کي نوڪري ڏيارڻ جي الزام هيٺ تعلقي ٿاڻي نوابشاهه ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو.