مونکي ڇو قيد ڪيو اٿوَ؟ … رحمت الله ماڃوٺي

0
39
مونکي ڇو قيد ڪيو اٿوَ؟ ... رحمت الله ماڃوٺي

 مونکي هتي ڇو کڻي قيد ڪيو اٿوَ؟ توهان… توهان کان شايد ڀُل ٿي آهي، مان چور ڌاڙيل، قاتل ناهيان. منهنجو نالو پريا ڪماري آهي، اميء کي چيم؛ چانھه ڪاڙھه، مان اچي پيئان ٿي… ٻاهر نڪتيس ته توهان مونکي کڻي هتي قيد ڪيو، هيءَ رسي ته کوليو، ڏاڍي ڇڪي ٻڌل آهي….

رسي ڪانه کلندي. ۽ اسان کان ڪا ڀُل نه ٿي آهي. اسان توکي ئي کڻي قيد ڪرڻ چاهيو

پر… ڇو… مون توهان جو ڪهڙو ڏوھه ڪيو آهي؟

ڀلين دنيا کي خبر پوي ته اسان مڙس ماڻهو آهيون، اسان جي مرضي کان سواءِ هتي ڪک پن به چُري نٿو سگهي…..

ڇا… اهو ته الله جو اختيار آهي صاحب

اسان هن جوءَ ۽ ڌرتي جا خدا بڻيل آهيون. هتي فقط اسان جي مرضي هلندي

مان روئنديس

وڻي اوترو روئو! هن ڪوٽ جي اوچين ديوارن مان ڪو آواز ٻاهر نه وڃي سگهندو.. ۽ ٻاهران ڪو انصاف اندر نه اچي سگهندو. اسان هن ڌرتي جا مالڪ آهيون. طاقتور آهيون…. پر…. پر تون… تون روئڻ بدران مُرڪين ڇو پئي؟

تنهنجي بزدلي تي کِل ٿي اچي. سڏايو ٿا پاڻ کي طاقتور، ڌرتي جا خدا ۽ قيد ڪري رکيو اٿوَ مون ڇهن ورهين جي معصوم نياڻيءَ کي.. اسان جي اسڪول جي ديوار تي، ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت لکيل آهي، ان جي هڪڙي سِٽ مونکي ياد آهي… ٻڌايان طاقتور ڀائي؟

ڪهڙي سٽ؟

“هي منهن ڏئي ٻَن تون وِھه کائي نه مرين”

ٻڌ ڇوڪري! جيڪڏهن هي وِھه کائڻ واري ڳالھه تون مون لاءِ ٿي ڪرين ته ٻُڌ. اسان ايترا طاقتور آهيون جو زهر به اسان تي اثر نه ڪندو. طاقتور آهيون اسان

اسان اهڙن کي طاقتور ڪونه چئون.

پوءِ ڇا چئو ڇوڪري؟

اسان اهڙن کي نسن جا وڍيل چئون… . اي نسن جا وڍيل! مونکي موڪل ڏي گهر وڃان

گهر!! ( زپاٽ)…. (فيس بوڪ تان ورتل)