سي سي آءِ جوڙجڪ: ناڻي وارو وزير آئوٽ!

0
54
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

اسان جي حڪمرانن ڪڏهن به تاريخ مان سکڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، اهو ئي رويو المين ۽ سانحن جا در کوليندو رهيو آهي. هي اهو ئي رويو آهي، جيڪو اوڀر پاڪستان سان روا رکيو ويو. صوبن کي مفتوح علائقا سمجهڻ وارو رويو. ننڍن صوبن کي هميشه فيصلي سازيءَ ۾ نظرانداز ڪرڻ وارو رويو. هن ڀيري به گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جوڙجڪ ۾ ساڳي روش روا رکي وئي آهي. 8 ميمبرن واري هن اهم آئيني اداري ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ صرف هڪ ميمبر (وڏو وزير) آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ نواز ليگ سان تعلق رکندڙ 5 ميمبر شامل ڪيا ويا آهن. وزير اعظم جي مشوري تي صدر پاڪستان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ وزير اعظم ڪائونسل جو چيئرمين، چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ 3 وفاقي وزير ان جا ميمبر آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ناڻي وارو وزير جيڪو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو مستقل ميمبر هوندو آهي، هن ڀيري ان جي جاءِ تي پرڏيهي معاملن واري وزير اسحاق ڊار کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ دفاع جو وزير خواجه آصف ۽ سيفران جو وزير انجنيئر امير مقام شامل ڪيا ويا آهن. امير مقام توڙي جو خيبر پختونخوا سان تعلق رکي ٿو، پر ان جو واسطو نواز ليگ سان آهي.

آئيني طور تي هن ملڪ ۾ پارلياماني جمهوري نظام آهي پر ان کي صدارتي نظام تحت هلائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ادارو بين الصوبائي رابطه وزارت جي ماتحت آهي. ارڙهين ترميم ملڪ کي آپيشاهي انداز ۾ هلائڻ جي خواهش رکندڙن جي اک جو ڪنڊو بڻيل آهي. انتهائي ٽيڪنيڪل انداز سان ان آئيني ترميم کي بي اثر ڪرڻ جا سانباهه ٿي رهيا آهن. پهريون وار اهم آئيني اداري ارسا کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ وزير اعظم طرفان ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو پر سنڌ جي شعور جي مزاحمت سبب وزير اعظم کي اهو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻو پيو، البته اهو آرڊيننس اڃان به موجود آهي. ان کانپوءِ ٻي ڪوشش اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ واري ڪوشش هئي. آئين موجب اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو وڌائي ته سگهجي ٿو پر ان کي گهٽائي نٿو سگهجي. صوبن جي حصي کي آئيني تحفظ حاصل آهي. ان جو طريقو اهو ڪڍيو ويو جو صوبن تي دٻاءُ وجهي انهن کي وفاقي خرچن ۾ حصو ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. اين ايف سي ۾ حصو گهٽائجي يا وري صوبن کان خرچ وٺجي، ڳالهه ساڳي ئي آهي ۽ اين ايف سان مان حصو گهٽائڻ وارو سڌو طريقو اختيار ڪرڻ بدران صوبن کان خرچ ڀرائڻ وارو اڻ سڌو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي. مقصد انهن جو ارڙهين ترميم کي بي اثر ڪرڻ آهي. جڏهن اها ترميم بي اثر ٿيندي، وفاق پنهنجون فرمائشون مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ته انهن وٽ ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جو جواز پيدا ٿي ويندو. وفاق مختلف اٽڪلن سان صوبن جا اعصاب پيو آزمائي. هن ڀيري به گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ميمبرن ۾ پنجاب ۽ نواز ليگ جي عددي اڪثريت برقرار رکڻ لاءِ جيڪا جوڙجڪ ڪئي وئي آهي، ان تي ننڍن صوبن، خاص طور تي سنڌ کي ڳڻتي نه هجڻ به وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل اهم آئيني ادارو آهي، جتي اهم فيصلا ٿين ٿا. وفاق ۽ صوبن جا تڪرار نبيريا ويندا آهن، اين ايف سي ايوارڊ يا وسيلن جي ورڇ جا فيصلا ٿيندا آهن پر هن اهم پاليسي ساز فورم ۾ توازن نه رکيو ويو آهي. ارسا واري معاملي تي سنڌ حڪومت طرفان آواز اٿاريو ويو هو، جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جوڙجڪ وارو معاملو به ايترو ئي اهم آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي سياسي ڌرين کي آواز اٿارڻ گهرجي. اهو پهريون دفعو ٿيو آهي جو وزير اعظم شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير کي هن ڪائونسل جو ميمبر بنائڻ بدران پرڏيهي معاملن جي وزير کي آندو ويو آهي. هن اهم فورم تي پرڏيهي معاملن جي وزير جو ڀلا ڪهڙو ڪم آهي؟

حڪمرانن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته انهن جا جبر وارا فيصلا سٺا نتيجا نه آڻيندا. صوبن جو اطمينان ئي وفاق جي استحڪام جي ضمانت آهي. حڪمرانن جي تدبر کان خالي فيصلن جي ڪري بلوچستان جي تعلق جي تند هن جاگرافيائي سٽاءَ سان هيڻي ۽ ڪمزور بڻجندي وڃي. خيبر پختونخوا مزاحمت جي دڳ تي هلي رهيو آهي ۽ باقي رهي ٿو سنڌ صوبو، ان بابت به حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ گدڙن ناهي کاڌي. تاريخ مان سکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڇو ته هي ملڪ ڪنهن ٻئي سانحي جو متحمل نٿو ٿي سگهي.