مومنه کي ماسترياڻيون ۽ شاگردياڻيون تنگ ڪنديون هيون

0
170

حيدرآباد: مومنه کي ماسترياڻيون ۽ شاگردياڻيون تنگ ڪنديون هيون، شڪايت باوجود اسڪول انتظاميا نوٽيس نه ورتو، قاسم آباد جي نجي اسڪول ۾ آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي جي وارثن طرفان انڪشاف ڪيو ويو آهي

مومنه جي وارثن اسڪول انتظاميا کي ذميوار قرار ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته اسڪول انتظاميا واقعي واري تان شاهديون هٽائي سنگين ڏوهه ڪيو آهي، انتظاميا خلاف ڪارروائي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو چاهيون ٿا مومنه سان انصاف ٿئي ۽ ٻين ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻجي

 اي ايس پي علينه راڄپر چيو آهي ته آپگهات جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، سي سي ٽي وي فٽيج مان لڳي ٿو ته واقعو آپگهات جو آهي، معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ته ايتري ننڍي عمر جي ٻارڙيءَ کي ڪهڙي شئي آپگهات لاءِ مجبور ڪيو؟

واقعي وقت موجود استادن سمجهيو ته ٻارڙي ٽڪ ٽوڪ ٺاهي رهي آهي، عملي مومنه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻارڙيءَ جي رڳو جرسي سندن هٿن ۾ آئي

هي به پڙهندا

شاگردياڻي مومنه ناريجو جو موت ڪيئن ٿيو؟، جاچ شروع