مون لاءِ بابراعظم ٽيل اينڊر جيان آهي: محمد عامر

0
189
مون لاءِ بابراعظم ٽيل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ پي ايس ايل ۾ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ محمد عامر چيو آهي ته هُن لاءِ بابر اعظم ۽ ٽيل اينڊرز کي بالنگ ڪرائڻ ساڳي ڳالهه آهي

نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي محمد عامر کان سوال ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي ته پشاور ۽ ڪراچي جي ميچ حقيقت ۾ بابر ۽ عامر وچ ۾ مقابلو آهي؟

ان جي جواب ۾ محمد عامر چيو ته منهنجو ڪنهن سان ڪو مقابلو نه آهي، مون لاءِ بابر به ائين ئي آهي جيئن ڪو ٽيل اينڊر کيڏي رهيو هجي، منهنجو ڪم ٽيم لاءِ وڪيٽون حاصل ڪرڻ آهي

هن چيو ته بابر اعظم هجي يا ڏهين نمبر تي کيڏڻ وارو بيٽر، مان  ٽيم لاءِ وڪيٽون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، مون کي ميدان ۾ ويلنٽائن جا گُل ته ڏيڻا نه آهن، تنهنڪري ڪراچي کي ميچ کٽرائڻ جي ڪوشش ڪندس

ڪرڪيٽر پنهنجي ڀيٽ شاهين سان ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو ته سندس ڪنهن سان مقابلو نه آهي، شاهين جو پنهنجو ڪلاس آهي ۽ هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو اسٽائيل آهي