ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) موسيقي روح جي غذا آھي ۽ مڌر آواز سان دل کي سڪون ملندو آھي، اسان جي ماحول ۾ عورت کي ايڏي آزادي ناھي نجي چينل تي ميوزڪ پروگرام ۾ ڳائڻ دوران منھنجي ڳايل گيت کي ڀرپور موٽ ملي ان بعد والدين مون کي ڳائڻ جي اجازت ڏني. اھڙو اظھار قانون جي شاگردياڻي شھزانا درياخان ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو تـ مان سوشل ميڊيا ذريعي موسيقي کي لھرن ۾ سمائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آھيان ھن چيو ته ننڍي ھوندي نعت پڙھڻ جو شوق ھو پوءِ مختلف تقريبن ۾ ميلاد پڙھڻ دوران موسيقي سان لڳاءُ ٿي ويو، پوءِ سوشل ميڊيا ذريعي ڳائڻ جي شروعات ڪئي. ھن چيو تـ سنگر سميع يوسف منھنجو آئيڊيل فنڪار آھي مون کي سميع يوسف جي آواز تمام گھڻو متاثر ڪيوآھي ۽ ان ئي سبب جي ڪري مان مختلف پروگرامن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ مون کي اتساھ مليو. ان بعد نجي ٽي وي جي ميوزڪ مقابلي ۾ پھريون ڀيرو شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري (پرچن شال پنھوار) ڳايو جنھن بعد مون کي تمام گھڻي مڃتا ملي ۽ مان مختلف پروگرامن ۽ اسٽيج ۽ ڪاليج سائيڊ جي پروگرامن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. ھن ٻڌايو سندس پسند جي فنڪارن ۾ سميع يوسف، عابده پروين، صنم ماروي، راحت فتح علي ۽ نصرت فتح علي خان شامل آھن. ھن حڪومت توڙي ثقافت کاتي کان گھر ڪندي چيو ته سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي ڪلاڪارن تي ڌيان ڏئي موسيقي جا ڪلاس شروع ڪرائي سندن ھمت افزائي ڪرڻ گھرجي ته جيئن نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اڳتي اچن ۽ موسيقي جي دنيا تي راڄ ڪري سگھن.