مورو (ن پ ا) فوڊ کاتي جون ڪڻڪ اسمگلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري، مورو ٽول پلازا ۽ قومي شاھراهه تي لڳايل پڪٽن تي چيڪنگ دوران ٻاھر ڪڻڪ منتقل ڪندڙ 7 ٽرالرن کي سوگهو ڪيو ويو، مورو گدام جي فوڊ انسپيڪٽر علي نواز ميمڻ شڪارپور، گھوٽڪي ۽ پنو عاقل کان ٻاھر ڪڻڪ منتقل ڪندڙ 7 ٽرالرن کي پڪڙي 3000 ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪيون، پڪڙيل ٽرالرن کي مورو گدام تي آڻي ڪڻڪ لاھي ضبط ڪئي وئي. ان موقعي تي علي نواز ميمڻ ٻڌايو ته واپاري ۽ آبادگار ملي ڀڳت ڪري پابندي ھجڻ باوجود ڪڻڪ ٻاھر منتقل ڪري رھيا آھن مليل هدف پورو ٿيڻ تائين ڪارروايون جاري رھنديون ڪير به ڪڻڪ ٻاھر نه ٿو کڻي وڃي سگھي، پوري ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ فوڊ کاتي پاران 144 قلم لاڳو آھي قانون ٽوڙيندڙن کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو.