مورو (ن پ ا) مورو ۾ خوراڪ کاتي جون ڪارروايون جاري، ٽول پلازا وٽ شڪارپور کان ڪراچي ڪڻڪ کڻي ويندڙ ٻه رالر هٿ ڪري ورتا. 800 ڪڻڪ جون ٻوريون ضبط ڪري مورو جي گدام تي لاٿيون ويون، فوڊ انسپيڪٽر علي نواز ميمڻ ٻڌايو ته ٽرالر شڪارپور کان ڪراچي ڪڻڪ کڻي وڃي رھيا ھئا جن کي هٿ ڪري ورتو آھي، ڪڻڪ جي ٽارگيٽ کي پورو ڪري رھيا آھيون ھن وقت 60 ھزار ٻوريون گڏ ڪري چڪا آھيون.