ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي سبزي منڊي واري علائقي ۾ نوجوان فرحان چانڊيو گھر وارن کان ناراض ٿي زھريلي دوا پي ڇڏي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارثن پاران سول اسپتال ۾ آندو ويو جتي طبي امداد بعد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو سندس علاج ھلندڙ آھي. ڊاڪٽرن پاران سندس طبعيت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وئي.