مورو (ن پ ا) مورو شھر جي ڳوٺ لالو ماڇي جي نوجوان معشوق علي ولد غلام علي ماڇي کي ڇتي ڪتي ڏاڙهڻ بعد وارثن پاران انجيڪشن لڳرائڻ لاءِ تعلقي اسپتال مورو آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران ويڪسين نه ڏيڻ تي ڪتي ڏاڙھيل نوجوان جي وارثن ۽ اسپتال عملي ۾ منھن ماري ٿي پئي ۽ ھڪ ٻئي کي چماٽن جا وسڪارا ڪري ڏنا جنھن بعد اسپتال ۾ علاج لاءِ آيل مريضن، وارثن، سياسي سماجي اڳواڻن پاران ويڪسين نه ملڻ ۽ عملي جي اڍنگي رويي خلاف ايم ايس آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رهيا جنھن جي اڳواڻي شمن سولنگي، قومپرست اڳواڻ شاھنواز ڀٽي، غلام علي، ذوالفقار علي، شاھد سولنگي، عثمان، اعظم سولنگي ماڇي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ھنن چيو ته ٽي ڏينھن اڳ اسان جي نوجوان معشوق ماڇي کي ڇتي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو کيس اسپتال ۾ کڻائي آياسين ته ٽن ڏينهن کان روز ويڪسين ڏيڻ جا آسرا ڏيڻ بعد اسپتال انتظياميا نيٺ ويڪسين ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ھنن الزام ھڻندي چيو ته اسان کان عملي ويڪسين لڳائڻ جا پيسا گھريا انڪار ڪرڻ تي عملي اسان سان منھن ماري ڪري گھٽ وڌ ڳالھايو ته اسپتال مان نڪري وڃو، اھو ڪٿان جو قانون آھي ته ايندڙ مريض کي علاج ڏيڻ بجاءِ جھيڙو ڪيو وڃي. اسان اھڙي عمل خلاف احتجاج ڪيو آھي. ھنن چيو ته آءِ ايچ ايس تعلقي اسپتال مورو کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي جتي دوا به نه ٿي ملي نه وري عملو مريضن سان سٺي انداز ۾ پيش اچي ٿو، ٻئي طرف اھڙي عمل خلاف مورو اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڊسپينسرن پڻ احتجاجي مظاھرو ڪيو، جنھن جي اڳواڻي ڊاڪٽر اسدالله ڪلھوڙو، ڊاڪٽر عبدالحفيظ ميمڻ، ڊاڪٽر محسن حب، ڊاڪٽر ڊاڪٽر نديم صالح لانگاھ، ڊاڪٽر ياسين ٻلال، ڊاڪٽر غلام شبير چوھاڻ ۽ پيرا ميڊيڪل عملي شريف ڪوريجو، اختيار ڏھر، سيد سجاد شاھ، اقبال ٻاٽ، ذوالفقار علي کوسو ۽ ٻين ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري مظاھرو ڪيو. جتي ھنن چيو ته اسان وٽ رش رھي ٿي ۽ مريض کي انجيڪشن ڏني پئي وئي ۽ ڪتي جي انجيڪشن فرج ۾ پيل ھوندي آھي جنھن ۾ ٿوري دير ٿي ته مريض ۽ سندس وارثن ڊاڪٽر نديم صالح ۽ ڊسپينسر امير بخش ٻگھيو سان مُنھن ماري ڪري ڌڪ ھنيا آھن اسان عوام جي خدمت لاءِ آھيون پر اسان غير محفوظ بڻجي ويا آھيون. ھنن مطالبو ڪيو ته تحفظ فراھم ڪيو وڃي، مورو اسپتال ۾ احتجاجن سبب علاج لاءِ آيل سوين مريض عورتون معصوم ٻارڙا علاج نه ملڻ سبب سخت تڪليف جي ڪري تڙپندا رھيا. ٻئي طرف تعلقي اسپتال مورو جي ايم ايس ۽ ڊي ايم ايس ڊاڪٽر اسدالله ڪلھوڙو احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻ سيٺ شمن ماڇي ۽ ٻين سان ڳالھيون ڪري معاملي کي ختم ڪرائي ڇڏيو.