مانجھند (ن پ ا) مانجهند ڀرسان لاکڙا ڪول مائينز ۾ لوھ جي دڪان ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 7 ورھين جو نينگر برڪت علي پٽ بابر پٺاڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مقامي ماڻهن ۽ وارثن پاران نينگر کي اسپتال نيئڻ بدران سندس حياتي بچائڻ خاطر کيس زمين اندر کڏ کوٽي مٽي ۾ سڄو پوري ڇڏيو. وارثن پاران تسلي خاطر نينگر کي چار ڪلاڪ زمين اندر پوري رکڻ کانپوءِ فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.