مهوش حيات ڪهڙي اداڪار کي ڄڃ وٺي اچڻ جي آڇ ڪئي

0
400

پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات امريڪي اداڪار ليونارڊو ڊي کپريو کي پنهنجي گهر ڄڃ آڻڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، اداڪاره پنهنجي شادي بابت گذريل ڏينهن هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهايو جنهن جو هڪ وڊيو ڪلب اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، مهوش حيات خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان تمام گهڻو پريڪٽيڪل ۽ حقيقت پسند آهيان، چاهيان ٿي ته جيون ساٿي رومانوي هجي ته جيئين شين کي متوازن طريقي سان کڻي هلجي، هن پنهنجي پسنديدگي جي باري ۾ چيو آهي ته مون کي سڀ کان وڌيڪ وڏو ڪرش امريڪي اداڪار ليونارڊو ڊي ڪيپرو تي هو ۽ هاڻي به آهي، هن ليونارڊو ڊي کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان ڏسي رهيا آهيو ۽ توهان تائين منهنجو آواز پهچي رهيو آهي ته ڄڃ وٺي اچو مان تيار آهيان، اداڪاره جو چوڻ هو ته هن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪو به اهڙو نه مليو جو جنهن کي ڏسي ڪري گهنٽي وڄي هجي.