قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد شھر توڙي آس پاس جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي يا حسين عليه السلام يا حسين جون صدائون بلند ٿي ويون آهن جڏھن ته شهر جي مختلف هنڌن تي سبيلون لڳائڻ وارو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آھي ۽ مومنن پاران مولا غازي عباس علمدار جي علم پاڪ کي سينگاري سوار ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته هر سال وانگر هن سال به پهرين محرم الحرام کان ٽي محرم الحرام تائين قاضي احمد شھر ۾ فقير رسول بخش انڙ امام بارگاهه سامھون سردار گارڊن ۾ شيعا اڳواڻن ڄام سليم خان انڙ، ڄام چنگيزخان انڙ، ڄام روحيل انڙ پاران مجلس عزا ۽ نياز مولا حسين عليه السلام جو اهتمام ڪيو ويو آھي. مجلس عزا کي علامه محمد عباس شاهه آف ٽنڊو جھانيان حيدرآباد، مولانا سيد عنايت حسين شاهه، مولوي زوار غلام سرور زرداري خطاب ڪندا. جڏھن ته قاضي احمد شھر ۾ پهرين محرم الحرام جي ڏهاڙي کان مومنن عزادارن ۽ شھرين پاران نياز مولا حسين عليه السلام ۽ سبيلن مولا حسين عليه السلام جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي وک وک تي سبيلون قائم هر طرف ياحسين ياحسين جون صدائون بلند آھن.