ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي سڏ تي مهانگائي خلاف مختلف شهرن وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون. ان ڏس ۾ شڪارپور ڊسٽرڪٽ بار صدر ايڊووڪيٽ محمد علي ميمڻ، امتياز بگٽي، نظير حسين ڀيو، علي اصغر پهوڙ، ايڊووڪيٽ احسن خان لوڌي طرفان ٽوڪن هڙتال ڪندي عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪيو ويو.
حيدرآباد ۾ وڪيلن پاران عشرت علي لوهر، آصف شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو، ميهڙ ۾ وڪيلن محمد علي ڪانڌڙو، منور علي جتوئي، نور جتوئي جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو.
ڪوٽڙي ۾ وڪيلن حيدر شورو، فھيم لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي.خيرپور ۾ پيٽرول، گيس، بجلي ۽ ٻين عام واهپي وارين شين ۾ اضافي سبب آيل مهانگائي جي طوفان خلاف خيرپور جي وڪيلن طرفان احتجاج طور عدالتي ڪاروائين جو بائڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب عدالتن ۾ پري پري کان ايندڙ ماڻهن کي صرف حاضريون ڏئي واپس روانو ڪيو ويو. جڏهن ته عدالتن اندر ڪيس نه هليا.عوامي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو،ٽنڊوالهيار ۾ وڪيلن منير لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بائڪاٽ ڪيو ويو.مٽياري ۾ سيشن ڪورٽ مٽياري، ھالا ۽ سعيدآباد ۾ وڪيلن اسلم ميمڻ، پيرل مجيداڻو، شاھد شمس ميمڻ، ذيشان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.سيوهڻ ۾ تعلقه بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن نجم الدين جتوئي، منير احمد چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاروائين جو بائڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.دادو ۾ مهانگائي خلاف ڊسٽرڪٽ بار پاران فيض محمد شاهه جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائڪاٽ ڪيو ويو.
ٺٽي ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائڪاٽ ڪري ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي جنرل سيڪريٽري احتر جماري، صدام عباسي، امداد سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪري مٺي ۾ وڪيل وسند ٿري، فقير منور ساگر، جاويد اختر بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنڊيارو ۾ مهانگائي خلاف وڪيلن الهورايو ڪلو، احسان ملاح، فواد رفيق اڄڻ، بختيار گهانگهرو، رياض ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بائڪاٽ ڪيو.ميرپورخاص ۾ وڪيلن مير پرويز اختر ٽالپر، مسعود لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪيو.
گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن صدام چندم لياقت ملاڻو، امتياز ملاڻو،خادم حسين ملڪ، آغا عاشق پٺاڻ، رائو آصف ۽ ٻين مهانگائي خلاف سائيڪل ريلي ڪڍي وئي. ٺل ۾ مهانگائي خلاف گڏهه گاڏي تي وزير اعظم جو پتلو رکي مير حسن ٻرڙو، عبدالوحيد ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ گشت ڪيو ويو.
فيض گنج ۾ مهانگائي خلاف بار ايسوئيشن خيرپور جي سڏ تي فيض گنج جي وڪيلن اسد الله راڄپر، ڪليم الله شر، امتياز حسين شر، مريد شر، محمد حسن بالادي، وايم راجا چانگ، زين العابدين، محمد اقبال چانگ ۽ٻين پاران عدالتي ڪاروائين جو بائڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.غوثپور ۾ٽرانسپورٽرن سچل ڀيو، محب ملڪ، راجا سندراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪار اڏي ڀر سان احتجاجي مظاهرو ڪيو.کورواهه ۾ مهانگائي خلاف جي يو آءِ پاران مولانا فتح محمد مھيري، علي محمد مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري عمران خان جي پتلي کي باھ ڏئي سخت نعري بازي ڪئي. نوشهروفيروز ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو.ضلع بار ايسوسيئيشن نوشهروفيروز جي سڏ تي عدالتي وھنوار جو بائڪاٽ ڪيو ويو. جنھن سبب عدالتن ۾ ڪار ٺپ ٿي ويو. وڪيلن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ضلع بار آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ضلعي بار جي صدر عبدالرحيم عباسي، اياز مري، عبدالستار لھراڻي، امر امتياز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان برپا آھي. جنھن سبب غريب ماڻھن جي جيئڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. ھن حڪومت جون پاليسيون عوام دشمن آھن جنھن سان غريب ويتر غريب تر ٿيندو پيو وڃي ۽ سفيد پوشي جو ڀرم رکڻ محال بڻجي ويو آهي.