لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي لاهوري محلا جي رهواسي 55 ورهين جي خادم حسين ميمڻ کي سندس پٽن گڙدن ۾ پاڻي جي تڪليف سبب چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو.
جتي مبينا طور پيرسن جو علاج نه ٿيڻ تي وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي سان منهن ماري ڪئي، جنهن بعد پيرسن کي اسپتال جي اسٽريچر تي کڻائي سول اسپتال روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو.
سرفراز علي، امتياز حسين، عطا حسين ۽ گدا حسين ميمڻ صحافين آڏو الزام لڳايو ته پيرسن پيءُ کي اسپتال کڻائي آياسين جتي ڪو به ڊيوٽي ڊاڪٽر يا ڊسپينسر موجود نه هو ۽ نه ئي انهن بيمار پيءُ جو علاج ڪيو جنهن ڪري سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ان دوران به اسان کين ايلاز منٿون ڪيون پر انهن اسان جي هڪ به نه ٻڌي جنهن ڪري اسان مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون.
هوڏانهن اسپتال انتظاميه جي خاطري بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪري پيرسن کي اسپتال جي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.ٻئي طرف اي ايم ايس گلزار تنيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته علاج نه ڏيڻ واري ڳالهه ۾ ڪا صداقت نه مريضن جي رڇ وڌي وڃڻ ڪري ڪجهه منٽ دير ٿي جنهن تي مريض جي وارثن احتجاج ڪيو.