ڪراچي(شوبز نيوز) مني هيسٽ ويب سيز دنيا ۾ مقبول ترين اسٽوري بڻجي وئي آهي، هن وقت تائين ان جا چار سيزن اچي چڪا آهن جن کي ڏسندڙن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي. اسٽوري ۾ هڪ گروپ مختلف چوريون ڪندو آهي جيڪي چوريون گروپ کي  ليڊ ڪندڙ ”پروفيسر“ نالي ڪردار پلان ڪندو آهي ۽ پنهنجي مقصد جي تڪميل لاءِ بنا ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي اهڙا ته منصوبا جوڙيندو آهي جيڪي ڏسندڙ جي دل ۾ جاءِ ڪري ويندا آهن. دنيا ۾ مشهوري ماڻيندڙ مني هيسٽ جي چار سيزنز کي ايترو ته پسند ڪيو ويو جو ان جي آخري مني هيسٽ -5 سيزن آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو. مني هيسٽ جي ديوانن کي ان اعلان ٻڌڻ جي دير هئي ۽ اهي ان ڏينهن کان لڳاتار انتظار ڪرڻ لڳا ته ڪڏهن اها سيزن رليز ٿيندي ۽ آخر ان سيزن ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي. نيٽ فلڪس جي اعلان موجب هسپانوي سيريز جي سيزن-5 جو پهريون حصو 3 سيپٽمبر جڏهن ته ٻيو حصو 3 ڊسمبر تي رليز ڪيو ويندو، جنهن ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو بيچين آهن. ان حوالي سان ڀارت جي راجسٿان رياست جي هڪ ڪمپني 3 سيپٽمبر تي پنهنجي ملازمن کي موڪل لاءِ ڪنهن بهاني کان بچائيندي اڳواٽ ئي انهن کي موڪل ڏئي ڇڏي آهي. ڪمپني جي سي اِي او ملازمن ڏانهن هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 3 سيپٽمبر تي مني هيسٽ سيزن 5 رليز ٿيندي، تنهنڪري ملازم ان ڏينهن تي موڪل ڪن ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته تفريح جا ڪجهه لمحا توهان جي ڪم ۾ توانائي آڻڻ لاءِ وڏو ڪردار  ادا ڪندا آهن.