ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد ھريش ڪڙيلا جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ايف آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ اربين روپين جي مني لانڊرنگ ۽ فاريڪس ٽريڊنگ ڪندڙ ھريش ڪمار ڪڙيلا خلاف ايف آءِ اي ميرپورخاص سرڪل پاران ڪيس داخل ڪيل آھي، جنھن ڪيس ۾ ھريش ڪڙيلا مسلسل گذريل ٻن ٻڌڻين تي پيش نه ٿيو، جنھن تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي کيس ايندڙ 22 آڪٽوبر جي ٻڌڻي تي جوابدار کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ھوڏانھن ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ھريش ڪڙيلا کي ھڪ مھينو اڳ پنھنجي انويسٽرز کي لڳ ڀڳ 60 ڪروڙ روپيا واپس ڪرڻا ھئا، جيڪي ادا نه ڪرڻ سبب هو لڪي ويو آهي.