ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) چرس ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت ٽن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، مھراڻ ٿاڻي جي حد مان چرس ڪيس ۾ گرفتار عامر علي ۽ علي نواز تي 9 سي نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جڏھن ته عبدالرحمان تي ميرواھ گورچاڻي ٿاڻي تي چرس جو ڪيس داخل ھو، ڪيسن جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي الزام ھيٺ آيل ٽنھي جوابدارن کي عدالت ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.