منهڙو (ن پ ا) منھڙو ڀرسان صادري اسٽاپ وٽ سم نالي ۾ مورو واسي 30 سالن جو اعجاز علي ولد محمد عرس سولنگي ٻڏي فوت ٿي ويو، مقامي ماڻهن ٻن ڪلاڪن بعد سم نالي مان نوجوان جو لاش هٿ ڪري ٻاهر ڪڍي ٻانڌي اسپتال منتقل ڪيو، نوجوان مورو کان سر وڍڻ لاءِ گڏهه گاڏي تي آيل هو ته سم نالي کي لڳل ڪٽ سبب اونهي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي مورو کڻائي ويا.