دادو ( رپورٽر ) دادو جي بي سيڪشن پوليس ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالتي احاطي مان ڀڄي ويل سئي گئس دادو جي زونل مئنيجر قمرالدين سرهيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ، بي سيڪشن پوليس گرفتار ڪيل سئي گئس جي زونل مئنيجر قمر الدين سرهيو کي رمانڊ لاء ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ، عدالت زونل مئنيجر کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو آهي ، دادو شهر جي گهرام گوپانگ پاڙي ۾ مهينو اڳ گئس ليڪيج سبب بئنڪ مئنيجر زبير قريشي ، سندس ڀاء استاد اياز ۽ سندن ماسات هدايت الله گوپانگ ڪمري ۾ باھ لڳڻ سبب فوت ٿيا هئا ، جنهن ڪيس ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل  سئي گئس دادو جي زونل مئنيجر قمر الدين ۽ آپريشن مئنيجر ذوالفقار چانڊيو جي ضمانت رد ڪئي هئي جنهن کانپوء سئي گئس جا ٻئي آفيسر عدالتي احاطي مان کسڪي ڀڄي ويا هئا