لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)  اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ڪنگا ٿاڻي جي حد ميروخان روڊ تي ڪارروائي ڪري ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري ۾ هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم ۾ خردبرد ۽ سرڪاري رڪارڊ گم ڪرڻ واري ڪيس ۾ اشتهاري ڄاڻايل شهدادڪوٽ جي چيف ميونسپل آفيسر ۽ ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي اڳوڻي ٽي ايم او ارشاد احمد هليو کي گرفتار ڪري  ڪورٽ ۾ پِيش ڪيو، جتي عدالت کيس جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي سرڪل آفيسر هدايت الله چنه  ٻڌايو ته هاڻوڪو چيف ميونسپل آفيسر شهدادڪوٽ ارشاد احمد هليو سال 2018 ۽ 2019 دوران ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي ۾ ٽي ايم او طور مقرري دوران هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي بجيٽ خردبرد ڪرڻ سان گڏ سرڪاري رڪارڊ گم ڪيو هو جنهن کان پوءِ ان مٿان اهڙا ڪيس به داخل هئا ۽ هو انهن ڪيسن ۾ چالان ٿيڻ بعد اشتهاري هو جنهن کي گرفتار ڪري اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت کيس جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هوڏانهن عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد چيف ميونسپل آفيسر شهدادڪوٽ ۽ ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي ٽي ايم او ارشاد احمد هليو کي لاڙڪاڻو جيل منتقل ڪيو ويو.