ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪار سلمان خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس سڀ کان ڊگهي ۾ ڊگهو رشتو ريئلٽي شو بگ باس سان جڙيل آهي.اداڪار هن وقت پنهنجي نئين فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ لاءِ اداڪارا ڪترينا ڪيف سان گڏ آسٽريا ۾ آهي جتي هن هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي مختلف سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا آهن.پريس ڪانفرنس دوران هن پاڻ تي طنز ڪندي چيو ته ريئلٽي شو بگ باس سان هڪ ڏهاڪي کان منهنجو ڊگهو ترين رشتو آهي، بگ باس سان منهنجو رشتو واحد رشتو آهي جيڪو ڊگهي عرصي کان جاري آهي.هن چيو ته بگ باس منهنجي زندگي ۾ مستقبل مزاجي آندي آهي، جيتوڻيڪ اسان هڪٻئي کي ڪيترن ئي مهينن تائين اکين جي اڳيان ناهيون ڏسندا پر سيزن جي خاتمي وقت جڏهن اسان هڪٻئي کان الڳ ٿيندا آهيون ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڻ جي لاءِ بيچين هوندا آهن.