ڪراچي (شوبز نيوز)ماضي جو سينيئر اداڪار طلعت اقبال امريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هو دل جي مرض ۾ مبتلا هُجڻ سبب ڊيلاس اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. طلعت اقبال 70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن ۾ مختلف ڊرامن ۾ بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا.وارثن موجب طلعت اقبال آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شھر ڊيلاس ۾ علاج ھيٺ ھو، ٻڌايو پيو وڃي ته طلعت اقبال بيھوشي جي حالت ۾ وينٽي ليٽر تي ھو.ان حوالي سان طلعت اقبال جي پٽ صومي حسين جو چوڻ آھي ته والد کي ڪورونا نه ٿيو ھو پر هو ڪجھ دوائون کائيندو ان دوران ھُن جي ساھ جي نلي ۾ گوري ڦاسي پئي ھئي، ھن ٻڌايو ته ننڍي ڀيڻ ٻه ھفتا اڳ وفات ڪري وئي، ننڍي ڀيڻ جي وفات بعد والد جي به طبيعت خراب ٿي وئي ھئي، والد 10 ڏينھن علاج ھيٺ ھو.