اسلام آباد: ملڪ ۾ پوڻا 95 هزار هم جنس پرست رجسٽرڊ هجڻ جو اعتراف، ايڊز جو مرض وڌي ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سڪندر علي راهوپوٽو جي سوال جو جواب ڏيندي صحت وزارت قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام تحت ملڪ ۾ 50 ٽريٽمينٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ 46912 ايڊز مريضن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، 26093 ايڊز جا مريض دوائون استعمال ڪري رهيا آهن، ايڊز جي مريضن مان ڪل 7538 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام تحت 17 ڪميونٽي بيسڊ آرگنائيزيشنس به قائم ڪيو ويون آهن، جن ۾ 94978 هم جنس پرست رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته 36553 کدڙا فقير، 22754 عورت سيڪس ورڪرز به رجسٽرڊ آهن. جڏهن ته شاهده رحماني جي سوال تي صحت وزارت قومي اسيمبلي کي لکت ۾ پيش ڪيل جواب ڏيندي ٻڌايو آهي ته هر سال پاڪستان ۾ سگريٽن جي فلٽر جي صورت ۾ لڳ ڀڳ 16 هزار ٽن ڪچرو ٺهي ٿو، ان کي ساڙڻ لاءِ هر سال لڳ ڀڳ 216 ملين ڪلوگرام ڪاٺي کپي ٿي، سگريٽن ۾ فلٽر لازمي جز هجي ٿو، سگريٽن مان فلٽر کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي پر عالمي سگريٽ صنعت فلٽر جي سائيز کي گهٽ ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.