اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ کنڊ قيمتون وڌائڻ واري مامري تي به بحث ٿيو، مخالف ڌر جي ميمبرن سوال اٿاريو ته اهي بااثر ڪير آهن؟ جنهن تي جواب ڏيندي پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته توهان جي ليڊرشپ جون سياست ۾ اچڻ کان اڳ ڪيتريون شگر ملز هيون ۽ هاڻي ڪيتريون آهن، اوهان لاڙڪاڻي ۽ رائيونڊ تي نظر وجهندئو ته شايد توهان کي بااثر ماڻهو نظر اچي وڃن، نصيبه چنا چيو ته وزير لاڙڪاڻي بابت سوال اٿاري رهيا آهن، هنن لاڙڪاڻي کي ڏنو ڇا آهي؟ لاڙڪاڻي ۾ ڇا بجلي، گئس ۽ پاڻي ڏنو پيو وڃي؟ اتي ماڻهو پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن، شميم آرا پنهور چيو ته سنڌ کي پاڻي جي کوٽ ڇو ڏني وئي؟ سنڌ کي ڇو پاڻي حصي تحت نه ڏنو ويو، شازيه صوبيه چيو ته ٽي پي لنڪ ڪينال ۽ ٻيا ڪينال کوليا ويا، پاڻي جي شفاف ورڇ نه ٿي رهي آهي، ڇا ديامير ڀاشا ڊيم ٺهڻ کانپوءِ پاڻي جي شفاف ورڇ جي ضمانت ڏني ويندي، پاڻي وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته هن وقت هر صوبي کي حصي تحت پاڻي ملي رهيو آهي، اسان وٽ پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ناهن، ڊيم ٺهڻ سان پاڻي کوٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو.