اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڊيم ٺاهڻ لاءِ مليل فنڊ مان 12 ارب 93 ڪروڙ سيڙپڪاري ۾ لڳائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي مامرن جي وفاقي وزير مونس الاهي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته ڀاشا ڊيم مان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4500 ميگاواٽ هوندي، اتان هر سال 18100 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، ڀاشا ڊيم ۾ پاڻي جمع ڪرڻ جي صلاحيت 8.1 ايم اي ايف هوندي، پاڻي مامرن جي وزير لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته چيف جسٽس پاڪستان پاران ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ 10 جولاءِ 2018ع تي ڊيم فنڊ قائم ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪيل معلومات مطابق ان ڊيم فنڊ ۾ 12 ارب 93 ڪروڙ 40 لک 8 هزار 868 رپيا جمع ٿيا، ڊيمن جي تعمير لاءِ گڏ ڪيل ان رقم مان هن وقت تائين واپڊا کي ڪا رقم نه ملي آهي، جڏهن ته 12 ارب 93 ڪروڙ 40 لک رپين جي ٽن مهينن جي مارڪيٽ ٽريزري بلز ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير سيد فخر امام 21-2020ع دوران زراعت کي ڏنل 15 ارب رپين جي پيڪيج جا تفصيل صوبيوار پيش ڪيا آهن، جنهن ۾ 6.2 ارب پنجاب، 3.9 ارب سنڌ کي ڏنا ويا آهن.