ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ مڪمل، اليڪشن ڪميشن نتيجا روڪي ڇڏيا، ن ليگ کي لوڏو، پي ٽي آءِ جي حمايتي آزاد اميدوارن کي سرسي ملڻ جو امڪان

0
60
ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ مڪمل، اليڪشن ڪميشن نتيجا روڪي ڇڏيا، ن ليگ کي لوڏو، پي ٽي آءِ جي حمايتي آزاد اميدوارن کي سرسي ملڻ جو امڪان
ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ مڪمل، اليڪشن ڪميشن نتيجا روڪي ڇڏيا، ن ليگ کي لوڏو، پي ٽي آءِ جي حمايتي آزاد اميدوارن کي سرسي ملڻ جو امڪان

اسلام آباد / ڪراچي (م ڊ + نمائندن وٽان)  ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ ٿي وئي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن چونڊ نتيجا روڪي ڇڏيا، جيڪي رات دير تائين به جاري نه ڪيا ويا. غير سرڪاري ۽ غير حتمي اڻپورن نتيجن موجب آزاد اميدورن کي اڪثريت ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ن  جا اميدوار ٿوري گھڻي فرق سان پوئتي نظر اچي رهيا هئا. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اڪثريت ماڻيندي نظر آئي، صوبائي سيٽن مان سنڌ جي اڪثر سيٽن تي پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا، جڏهن ته قومي سيٽن تي به ڪافي سيٽون پيپلزپارٽي کٽي ورتيون.  رات دير تائين ميڊياتي آيل نتيجن موجب  ميرپور خاص جي تڪ اين اي  211 تان پ پ پير آفتاب شاهه جيلاني 36 هزار ووٽ کني ڪامياب ٿي ويو. آزاد اميدوار علي نواز شاهه 18092 کڻي سگهيو

اين اي 218 حيدرآباد 1 تان پ پ جو سيد حسين طارق 82 هزار 115 ووٽ کني اڳتي رهيو، آزاد اميدوار محمد رضوان 9064 ووٽ کڻي سگهيو.  پشاور 3جي اين اي 30 تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميدوار شاندانا گلزار 71 هزار 742 ووٽن سان ڪاميابي ماڻي ورتي، جي يو آءِ جي ناصر خان  19265 ووٽ کنيا اين اي  88 تان آزاد اميدوار محمد اصغر سوڀارو رهيو. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب مانسره جي تڪ اين اي 15 تان نواز شريف 8830 ووٽن سان پوئتي رهيو، آزاد اميدوار محمد گستاسب 12670 سان پهرئين نمبر تي رهيو. بعد ۾ ان تڪ جا نتيجا اچڻ بند ٿي ويا.  ٻئي پاسي قصور 2 جي تڪ اين اي 132 تان شهباز شريف 27092  ووٽن سان اڳتي رهيو، جڏهن ته آزاداميدوار  محمد حسين ڊوگر 17993 ووٽن سان پوئتي رهيو.  هوڏانهن قمبر شهداد ڪوٽ جي تڪ اين اي 196 تان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 26516 جي يو آءِ جو ناصر محمود 9368 ووٽ کڻي سگهيو هو، نتيجا مڪمل نه ٿيڻ ڪري حتمي نتيجو سامهون نه اچي سگهيو

ٻئي پاسي نواب شاهه جي تڪ اين اي 207 تي آصف زرداري 55323 ووٽ کڻي کٽي ويو، سندس مخالف اميدوار شير محمد رند 13905  ووٽ کنيا.  بونير جي تڪ اين اي 10 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر گوهر علي خان 36792  ووٽن سان اڳتي رهيو، سندس سامهون جماعت جو بخت جهان خان 8992  ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 152 ملتان 5 تان عبدالقادر گيلاني 75 هزار ووٽ کڻي ويو، جڏهن ته مخالف اميدوار ن ليگ جو جاويد علي شاهه 57 هزار ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.  هوڏانهن ڊي آءِ خان  جي اين اي 44 تان علي امين گنڊپور 35 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا،  جتي جي يو آءِ سربراهه جي سيٽ خطري ۾ پئجي وئي آهي، مولانا فضل الرحمان 19 هزار ۽ ڪجهه ووٽن سان پوئتي رهيو

  ٻئي پاسي آءِ پي پي سربراهه جھانگير ترين به وڏي وقت فرق سان پوئتي رهيو. غير حتمي نتيجن موجب اين اي 155 لوڌرا 2 تان آزاد اميدوار صديق بلوچ 56 هزار 808 سان اڳتي رهيو، جڏهن ته  جھانگير ترين 25824 سان پوئتي رهيو.ٻئي پاسي اين اي 18 هري پور مان پي ٽي آءِ جو حمايتي عمر ايوب 1 لک 11 هزار 891 ووٽ کڻي ويو. نواز ليگ جو بابر نواز خان 64 هزار 48 ووٽ کڻي سگھيو. ان کانسواءِ اين اي 225 تي پ پ جو صادق ميمڻ 57 هزار 650 ووٽ کڻي اڳتي رهيو، رسول بخش جاکرو 11667 ووٽن سان پوئتي هو.  اين اي 17 ايبٽ آباد 2 تان آزاد اميدوار علي خان جدون 66912  ووٽن سان اڳتي رهيو، ن ليگ جو محبت خان اعواڻ 25765 ووٽ کڻي پوئتي رهيو. اين اي 23 مردان 3 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان آزاد اميدوار طور 33719 ووٽ کڻي اڳتي رهيو، احمد خان بهادر اي اين پي جو 11259 سان پوئتي رهيو.  حب بلوچستان جي تڪ اين اي 257 تان ڄام ڪمال 12 هزار  ۽ ڪجهه ووٽ کڻي اڳتي رهيو، جڏهن ته آزاد اميدوار اسلم ڀوتاڻي 6 هزار ۽ ڪجهه ووٽ کڻي سگھيو. اين اي 221 تي نويد قمر 59 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي يقيني بڻائي ورتي. ان کان سواءِ اين اي 228 تان رفيق جمالي 64344 سان اڳتي رهيو.  اين اي 186 ڊي جي خان ۾ آزاد اميدوار سجاد چنا 27 هزار ووٽن سان اڳتي رهيو، ن ليگ جو سردار اويس لغاري 12 هزار ووٽ کڻي سگھيو. اين اي 193 شڪارپور ۾ شهريار خان مهر 82 هزار ووٽ کڻي اڳتي رهيو، جي يو آءِ ايف جو راشد محمود سومرو 26 هزار کن ووٽ کڻي سگهيو. جڏهن ته اين اي 219 تي ايم ڪيو ايم جي پروفيسر عبدالعليم خانزادي کي پي ٽي آءِ جي مستنصر بلال تي سرسي حاصل رهي.   اين اي 136 اوڪاڙا مان ن ليگ جو اميدوار رياض الحق 42 هزار 830 ووٽن سان اڳتي  رهيو، جڏهن ته آزاد اميدوار رائو حسن سڪندر 25387 سان پوئتي رهيو

 هوڏانهن اين اي 69 منڊي بهاءُ الدين تان مسلم ليگ ن جو ناصر بوسال 21817  ووٽن سان اڳتي رهيو، جڏهن ته آزاد اميدوار ڪوثر پروين 13722 کڻي پوئتي رهي.  اين اي 226 تان ملڪ اسد سڪندر 103455 کڻي ڪاميابي يقيني بڻائي ورتي، سيد منير حيدر شاهه 11148 ووٽ کڻي سگھيو.  اين اي 33 نوشهره 1 تان آزاد اميدوار سيد شاهه احد  علي شاهه 5733 سان اڳتي رهيو ۽ پي ٽي آءِ پي جو  پرويز خٽڪ 1467 ووٽن سان پوئتي رهيو . هوڏانهن اين اي 230 ملير تان پ پ جو آغا رفيع الله 10 هزار 514 وڌيڪ ووٽ کڻي اڳتي رهيو. آزاد اميدوار مسرور علي 4626 سان ٻئي نمبر تي رهيو، اين اي 231 ملير 3 تان پ پ جو عبدالحڪيم بلوچ 8156 ووٽ کڻي اڳتي رهيو، آزاد اميدوار خالد محمود علي 6956 سان ٻئي نمبر تي آيو. اين اي 47 تان پي ٽي آءِ جو شعيب شاهين 44519  ووٽ کڻي اڳتي جڏهن ته ن ليگ جو طارق فضل چوڌري 18742  سان ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 135 اوڪاڙا هڪ مان ن ليگ جو نديم عباس زبيره 39116 ووٽن سان اڳتي رهيو جڏهن ته آزاد اميدوار ملڪ محمد اڪرم ڀٽي ٻئي نمبر تي رهيو. هوڏانهن اين اي 30 پشاور 3 تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميدوار شاندانا گلزار 71 هزار 742 ووٽن سان ڪامياب رهي، جي يو آءِ جي ناصر خان  19265 ووٽ کنيا   ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي جي تڪ اين اي 243 تان قادر پٽيل پٽيل 4 هزار 753 کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، آزاد اميدوار شجاعت علي 9062 ووٽ کڻي ويو.  اين اي 115 شيخوپورا ۾ مسلم ليگ جو جاويد لطيف 11248 سان پوئتي رهيو، جڏهن ته آزاد اميدوار 18 هزار ووٽن سان اڳتي آهي

  اين اي 215 ٿرپارڪر ٽو  تان پ پ جي  مهيش ڪمار ملاڻي 34028 سان سرسي حاصل ڪري ورتي. ارباب رحيم 24 هزار 414  سان پوئتي رهيو. اين اي 190 جيڪب اباد تان پ پ جو اعجاز جکراڻِي 23023 اڳتي ۽ آزاد اميدوار ميان محمد سومرو 9025 ووٽن سان پوئتي رهيو. ٽنڊو الهيار جي تڪ اين اي 217 تي  پ پ جو ذوالفقار بچاڻي 17018ووٽن سان اڳتي هو، جي ڊي اي جِي راحيلا  مگسي 10582 پوئتي رهي.  اين اي 195 تي نظير ٻگھيو  جي ڪاميابي يقيني ٿي وئي آهي، جتي هن 46 هزار 829 ووٽ کنيا، سندس سامهون جي ڊي اي جو صفدر عباسي 7716 ووٽ کنيا.  گھوٽڪي جي اين اي 199 تي علي گوهر مهر 27 هزار 436 اڳتي رهيو، جڏهن ته جي يو آءِ جو عبدالقيوم  پوئتي آهي.  اين اي 19 صوابي 1 تي اسد قيصر 21 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻ اڳتي جي يو آءِ جو موولانا فضل اعلي 9 هزار کن ووٽن سان پوئتي رهيو.   خيرپور جي تڪ اين اي 202 پ پ جي نفيسا 95 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي  وئي، جي ڊي اي جي غوث شاهه 17 هزار  ۽ ڪجهه ووٽ کنيا.  هالا جي اين اي 216 تي مخدوم جميل الزمان 30636 ووٽن سان اڳتي رهيو جتي ن ليگ جي بشير ميمڻ 20229 ووٽ کنيا.  اين اي 220 تي پي ٽي آءِ جي فيصل مغل کي سرسي حاصل رهي.  هوڏانهن  صوبائي صورتحال هن ريت آهي ته پي ايس 101 تي نواب تيمور ٽالپر 33 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي اڳتي رهيو.  پي ايس 20 تان محمد بخش مهر 71 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي اڳتي رهيو.  سندس مخالف اميدوار 11 هزار کن ووٽ کڻي سگھيو. ٻئي پاسي دادو جي پي ايس 83 تان پ پ جو صالح شاهه جيلاني 52 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.امداد حسين لغاري 22 هزار کن ووٽ کنيا آهن. سيوهڻ جي تڪ پي ايس 77 جي مڪمل نتيجي موجب اڳوڻو وزير اعليٰ مراد علي شاهه 67513 ووٽ کني ڪامياب ٿي ويو. جي ڊي اي جي روشن علي ٻرڙو 7 هزار ووٽ کنيا.  پي ايس 26 تي اڳوڻو وزيراعظم قائم علي شاهه 47 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.  ڏوڪري جي تڪ پي ايس 13 تان عادل الطاف انڙ 95700 ووٽ کني کٽي ويو، جي يو آءِِ جو حافظ نصير ڀٽو 3102 ووٽ کڻي  هارائي ويو.  خيرپور جي پي ايس 27 خيرپور مان  پ پ جو هالار وساڻ 80 هزار ووٽ کڻي اڳتي رهيو. محمد شريف ٻرڙُ جي يو آءِ طرفان 12184 ووٽ کني سگھيو.  پي ايس 80 تان پ پ جو عبدالعزيز جوڻيجو 35549 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جي ڊي اي جو ڪريم علي جتوئي 24946 ووٽ کڻي هارائي ويو. حيدرآباد جي پي ايس  60 تان ڄام خان شورو 35 هزار 352 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. قومي عوامي تحريڪ جو اياز لطيف پليجو 6 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي سگھيو.  حيدرآباد جي پي ايس 61 ان شرجيل ميمڻ 63 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميبا ٿي ويو آزاد اميدوار سعيد احمد ٽالپر 11889  ووٽ کڻي سگهيو ان کان سواءِ پي ايس 7 شڪارپر تان پ پ جو امتياز شيخ 60 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جي يو آءِ جو آغا تيمور خان 43 هزار ووٽ کڻي هارائي ويو.  پي ايس 24 سکر تي فرخ شاهه 33 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي اڳتي رهيو، آزاد اميدوار مبين جتوئي 14 هزار ۽ ڪجهه ووٽ کنيا

پي ايس 25 سکر تان ناصر حسين شاهه 17 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي اڳتي رهيو، پير بخش عرف مير مهر 6 هزار 722 ووٽ کنيا.  پي ايس 44 سانگھڙ تان شاهد خان ٿهيم 52312 ووٽن سان اڳتي رهيو، جي ڊي اي جو محمد بخش خاصخيلي 43411 ووٽن سان پوئتي رهيو.  پي ايس 36 دوڙ تان پ پ جي عذره فضل وپيچوهو 41450 ووٽن سان اڳتي رهي، جڏهن ته آزاد اميدوار بهاول خان رند 10 هزار ۽ ڪجهه ووٽ کنيا.  پي ايس 62 حيدراباد تي ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني کي سرسي حاصل رهي. پي ايس 63 تي پي ٽي آءِ جي ريحان راجپوت کي سرسي حاصل رهي.  پي ايس 64 پي ٽي آءِ جي نعيم قريشي کي سرسي آهي.  پي ايس 65 تي ايم ڪيو ايم جي ناصر قريشي کي  سرسي رهي.  پي ايس 42 ڄام نواز علي تي ڄام شبير 34400 ووٽ کڻي اڳتي رهيو، جي ڊي اي جو ڄام نفيس 25400 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.  پي ايس 18 تي آزاد ڄام مهتاب ڏهر 46095 ووٽ کڻي اڳتي رهيو، پ پ جو شهريار شر 40703 ووٽ کڻي سگهيو.  پي ايس 50 عمر ڪوٽ 2 تان امير علي شاهه 46  هزار 450 ووٽ کڻي اڳتي رهيو.  جي ڊي اي جو فقير غلام نبي مڱريو 12122 کڻي پوئتي رهيو.  پي ايس 35 تان پ پ جو ضياءُ لنجار 41 هزار 198 ووٽن سان اڳتي رهيو، جي ڊي اي جو مسرور جتوئي 12704 ووٽ کني ٻئي نمبر تي رهيو. پي ايس 56 تان پ پ جو مخدوم محبوب زمان 8929 پي ايم ايل اين جو نصير ميمڻ 9244 ووٽ کڻي سگهيو

  هوڏانهن  خيبرپختونخوا جي پي ڪي 35 بٽگرام تان آزاد اميدوار تاج محمد  21 هزار 566 وٽ کڻي کٽي ويو. نوابزداه ولي محمد خان جي يو آءِ جو 15182 ووٽ کڻي هارائي ويو.   پنجاب جي پي پي 203 ساهيوال تان آزاد اميدوار محمد مرتضيٰ اقبال 62468 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي. نواز ليگ جو محمد حنيف 47231 تان هارائي ويو.  بلوچستان جي تڪ پي بي 9 ڪوهلو مان پ پ جو مير نصيب الله خان 5 هزرار8 سو ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته نوابزاده گزين خان مري 3325 ووٽ کڻي هارائي ويو