اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته عوام کي حتمي پولنگ اسڪيم جاري ٿيڻ تي پنهنجو ووٽ چيڪ ڪري وٺڻ گهرجي ها. اليڪشن ڪميشن بيوسيءَ جو اظهار ناهي ڪيو. الڪيشن ڪميشن پهريان جيان مضبوط آهي. سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي موبائيل فون سروس بند ٿيندي آهي ته بحالي جا حڪم ڏيڻ اسان جو مينڊيٽ ناهي. آر اوز کي 2 وڳي تائين نتيجا جاري ڪرڻا آهن. نتيجا رات 2 وڳي کان اڳ اچي سگهن ٿا. چيف اليڪشن ڪمشنر ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته 100 سيڪڙو صاف شفاف چونڊون ٿيون آهن. يقين آهي ته سياسي جماعتون نتيجا تسليم ڪنديون. ڏينهن جو 2 وڳي تائين جيڪڏهن ريٽرننگ آفيسر لکن ها ته ضرور پولنگ جو وقت وڌايو وڃي ها. انهن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت هوندي.