ڪراچي/اسلام آباد: پيپلزپارٽي چونڊ نتيجن تي مطمئن، نواز شريف مايوس، ايم ڪيو ايم ڪراچي فتح ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب صدر آصف علي زرداري اسلام آباد روانو ٿيڻ جا اطلاع آهن، زرداري هائوس جي ذريعن موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪالهه عام چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ کان پوءِ نوابشاهه کان اسلام آباد وڃڻ جي تياري ڪري ورتي. ان کان اڳ ووٽنگ جي موقعي تي نوابشاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پ پ جو مستقبل روشن آهي ۽ اميد آهي ته پ پ ڪلين سوئيپ ڪندي. ذريعن موجب بلاول جو آصف زرداري سان رابطو ٿيو، بلاول ۽ آصف زرداري پاران چونڊ نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، آصف زرداري بلاول سان ڳالهائيندي چيو ته هيل تائين نتيجا سٺا آيا آهن، آصف زرداري چيو ته آئون سڀاڻي اسلام آباد وڃي رهيو آهيان. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نتيجا غيرمعمولي طور سست رفتاري سان اچي رهيا آهن، هن چيو ته شروعاتي نتيجا پ پ لاءِ بهتر آهن پي پي اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن جن جي حمايت ڪريون ٿا انهن جي ڪارڪردگي سٺي آهي. ٻئي  طرف لاهور۾ رات دير تائين نتيجا مڪمل نه اچي سگهيا، نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز به مايوس ٿي جشن لاءِ سجايل پنڊال ڇڏي روانا ٿي ويا. ذريعن موجب شهباز شريف، نواز شريف، مريم نواز جشن لاءِ پنڊال تيار ڪري رکيو هو پر رات دير تائين نتيجا نه آيا ته اهي اتان هليا ويا، نواز شريف چيو ته صبح سان ڏسنداسين، ذريعن موجب لاهور ۾ رات ساڍي 12 وڳي تائين اليڪشن ڪميشن پاران ڪو به نتيجو نه ڏنو ويو، نواز شريف کي فتح واري تقرير ڪرڻي هئي جيڪا به نه ڪئي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ پي ايس 60 قاسم آباد جي تڪ تي جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهندڙ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته چونڊ عمل شروع ٿيندي ئي قاسم آباد جي تڪ کي يرغمال بڻايو ويو. مون ڊي آر او/ ڊپٽي ڪمشنر طارق قريشي، آر او واحد چنا ۽ اي آر او سان رابطو ڪيو. انهن کي منهنجا پيغام موبائيل فون تي مليا ۽ جواب به موبائيل ذريعي ئي ڏنا پر چيو ته نيٽ ورڪ نه آهي، ان ڪري رابطو نه پيو ٿئي. اسان جي پولنگ ايجنٽن کي پولنگن تان نيڪالي ڏني وئي. هن چيو ته اسان مختلف پولنگ اسٽيشنن تي سوڀارا ٿي رهيا هئاسين پر اسان جي پولنگ ايجنٽن کي اتان اٿاري ڌانڌلي ذريعي هارايو ويو. هن چيو ته مون پولنگ اسٽيشنن تي ڳڙ ٻڙ جي حوالي سان ايس ايس پي امجد شيخ ۽ ڊي سي سميت لاڳاپيل اختيارين کي آگاهي ڏني پر ڪو به جواب نه مليو ۽ مخالف اميدوار ڄام خان شوري ۽ سندس ساٿين کي ڌانڌلي ڪرڻ جو پورو موقعو فراهم ڪيو ويو. هن چيو ته پ پ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن دروازا بند ڪري ٺپا هڻندا رهيا. سندن ساٿي خادم سمون زخمي ٿي پيو جڏهن ته بختاور کي يرغمال بڻايو ويو. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم چونڊن ۾ ڪراچي فتح جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ڪاميابي جو رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي، ڪراچي جا ماڻهو اسان تي اعتماد ڪن ٿا، ڪراچي جي 18قومي سيٽن تي ايم ڪيو ايم ليڊ ڪري رهي آهي، ڪراچي جون ذميواريون اسان جي ڪلهن تي اينديون، ڪراچي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي عوام جا ٿورا مڃون ٿا.