ملير (رپورٽر) بحريا ٽائون ويجهو سپر هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر جو ڪار سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتي ٻارڙي جي سڃاڻپ 10 ورهين جي نمرا ڌيءَ الطاف طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ٻي طرف فوتي ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.