ڪراچي (رپورٽ : اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو سيڪريٽري پاران ڪي پي ۾ قائم حراستي مرڪزن ۾ قيد جوابدارن جو رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهرو ۽ انساني حقن وارين وزارتن جي سيڪريٽرين کي 27 مئي تي شهرين کي جبري گمشدگين بابت عالمي قانون جي روشني ۾ جواب سميت طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ٻڌڻي شروع ڪئي ته وفاقي گهرو وزارت جي سيڪريٽري پاران ڊپٽي سيڪريٽري پيش ٿيو، عدالت کانئس گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت پڇيو ، جنهن جو ڊپٽي سيڪريٽري جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي عدالت کيس مخاطب ٿيندي چيو ته اسان توهان سان مخاطب آهيون، جيڪڏهن وفاقي گهرو سيڪريٽري توهان کي موڪليو آهي ته انهي پاران جواب به ڏيو؟ ڊپٽي سيڪريٽري جي خاموش رهڻ تي عدالت کيس چيو ته ڇا توهان کي انگريزي سمجهه ۾ ايندي آهي؟، جنهن تي وفاقي ڊپٽي سيڪريٽري ڪنڌ لوڏي چيو ته انگريزي سمجهه ۾ اچي ٿي. عدالت کيس چيو ته توهان جو رويو توهين عدالت وارو آهي. اسان کي وفاقي گهرو سيڪريٽري جا وارنٽ جاري ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو. عدالت جي حڪمن باوجود حراستي مرڪزن جي قيدين جون لسٽون پيش نه ڪيو ويون آهي، ڏسڻو آهي ته ڪراچي مان گم ٿيندڙ شهري حراستي مرڪزن ۾ آهن يا نه ؟ توهان لسٽ پيش نه ڪئي آهي، ڇا وفاقي گهرو وزارت ايتري بيوس آهي جو اها ڪي پي حڪومت پاران قائم ڪيل حراستي مرڪزن بابت معلومات به وٺي نٿي سگهي. طاقتور وزارت ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي پر لسٽ نٿي ڏئي سگهي. عدالت چيو ته حراستي مرڪز صوبائي حڪومت جي ماتحت آهن، پي ٽي آءِ جي وفاق ۽ ڪي پي ڪي ۾ حڪومت آهي. حراستي مرڪز فوج جي ماتحت ناهن جو توهان کي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. عدالت چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري پيش نه ٿيو ته نتيجن جا پاڻ ذميوار هوندا. عدالت چيو ته ماڻهن کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي، ايئن نه ٿئي جو عدالت جي برداشت جي حد ختم ٿي وڃي. ان موقعي تي عدالت انساني حقن واري وفاقي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (هيومن رائٽس) کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا گم ٿيل ماڻهن تي انساني حق لاڳو نه ٿا ٿين؟ ،جنهن تي انساني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته وفاقي وزير شيرين مزاري انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. عدالت چيو ته ڇا توهان مڃو ٿا ته جبري گمشدگي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي؟ جنهن تي انساني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته شهرين جي جبري گمشدگي بابت قانونسازي جاري آهي، عدالت انساني حقن واري وزات کي عالمي قانون جي روشني ۾ شهرين کي جبري طور گم ڪرڻ واري معاملي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کي گم ٿيل شهرين جي ڪيسن ۾ ذاتي طور پيشي لاءِ آخري مهلت ڏني آهي.