مٺي (رپورٽر) مٺي ويجهو مٺي_ بدين روڊ تي احساس ڪفالت سينٽر تان وظيفي واري رقم کڻڻ لاءِ آيل ڳوٺ اٽاڊهو جي رهواسين جي تيز رفتار سوزوڪي ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ 8 عورتن سميت 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عطاءُ لله، حسنا، احسان، عباس، شريفان، عرفانا، سومل، ماريت، ميرزادي ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي مقامي ماڻهن پاران مٺي سول اسپتال آندو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.