ملير(رپورٽر) وفاقي سرڪار پاران سزا مڪمل ڪندڙ 500 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم، ان ڏس ۾ ملير جيل مان پهرين مرحلي ۾ 198 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪري اسپيشل برانچ حوالي ڪيو ويو، ڀارتي مهاڻن کي ايڌي فائونڊيشن جي مدد سان ريل گاڏي ذريعي لاهور روانو ڪيو ويو، کين اڄ  شام جو واگها بارڊر تي ڀارتي اختيارن حوالي ڪيو ويندو، ان موقعي تي ملير جيل جي سپرنٽينڊنٽ سيد ارشد شاهه پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته 2 ڀارتي مهاڻا گردن جي تڪليف سبب علاج دوران فوت ٿي ويا هئا، جن جا لاش سندن ملڪ روانا ڪيا ويا هئا، باقي 198 مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو