غزه (م ڊ) اسرائيل طرفان غزه تي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي. نار ميڊيا موجب اسرائيل طرفان غزه تي فضائي حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 27 فلسطيني شهيد ٿي ويا جن ۾ 5 عورتون ۽ 5 ٻار به شامل آهن جڏهن ته حملن ۾ 70 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن. ان کانسواءِ اسرائيلي بمباري ۾ فلسطيني اسلامڪ جهاد موومينٽ جا ڪيترائي ڪمانڊرز به شهيد ٿيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل طرفان ڪالهه صبح جو جهادي ڪمانڊرز کي نشانو بڻائڻ لاءِ هڪ ئي هنڌ ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا ويا. ان کانسواءِ لاڳيتن فضائي حملن جي نتيجي ۾ غزه پٽي تي ڪيترن ئي گھرن کي نقصان پڻ پهتو آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته اسان وچ فلسطين ۾ موجود آهيون واپس نه ٿينداسين.