اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي اڄ هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار حامد مير جو چوڻ آهي ته عمران خان کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو يو آهي. عمران خان جي حامين وري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران گڏ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪارڪن هاءِ ڪورٽ ٻاهران گڏ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا. آرٽيڪل 245 تحت اسلام آباد ۾ فوج به گھرايل آهي. پوليس، فوج ۽ رينجرز جو پي ٽي آءِ ورڪرز سان مقابلو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان سان اڄ ڇا ٿيندو ان کي ڇڏيو، اهو ڏسو ته ملڪ جي عوام سان اڄ ڇا ٿيندو.