ملير(رپورٽ: ناز شر ) ملير جي جابلو پٽي ۾ واقع ڳوٺن ۾ ٻاڪري مال ۾ پراسرار بيماري پکڙجي وئي: ڪيتريون ٻڪريون مري ويون : سوين ٻڪريون  بيحال ، مالوند پريشان، جانورن جا ڊاڪٽر نه هجڻ سبب غريب ڳوٺاڻا جانورن جو علاج ڪرائڻ کان محروم، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب ملير جي علائقي گڏاپ ٽائون جي يوسي ڪاٺوڙ جي جابلو پٽي ۾ واقع لعل بخش ڪاڇيلو  ڳوٺ، امير بخش ڪاڇيلو ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ٻاڪري مال ۾ پراسرار بيماري تباهي مچائي ڇڏي آهي، هن وقت تائين 20 کان مٿي ٻاڪرو مال مري وڃڻ کانسواءِ  سوين ٻڪريون  بيمار ٿي پيون آهن ، بيمار مال جو بروقت علاج نه ٿيڻ سبب بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جنهن سبب غريب مالوند سخت پريشان آهن، ان حوالي سان يوسي ڪاٺوڙ جي سماجي اڳواڻ عبدالغفار ڪاڇيلو، عظيم ڪاڇيلو ۽ ٻين ڳوٺاڻن  صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ لعل بخش ڪاڇيلو ۽ ڳوٺ امير بخش بخش  ڪاڇيلو ۾ ٻاڪري مال  ۾ بيماري اچڻ سبب ڪيترائي جانور مري ويا آھن، هنن چيو ته اسان جو گذر سفر مال تي آھي، وٽرنري ڊاڪٽر نه هجڻ سبب غريب ڳوٺاڻا پريشان آھن، هنن سنڌ حڪومت ، ڊي سي ملير ۽ لائيو اسٽاڪ  کاتي جي انتظاميا کي اپيل ڪندي چيو ته  ٻڪرين جي  تڪڙي علاج لاءِ جانورن جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻيون وڃن