پليجاڻي/ ٽنڊو رحيم خان/ مسو ڀرڳڙي(نمائندا) مختلف شهرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، جنهن ڪري بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن. ان ڏس ۾ پليجاڻي ۾ مسلسل برساتون پوڻ ڪري شھر اندر گندو پاڻي گڏ ٿي ويو آهي، جنھن سبب مختلف بيمارين ڦھلجڻ لڳيون آھن .گھٽين روڊن چوراھن تان پاڻي نه ڪڍرايو آھي، جنھن جي ڪري  شھر ۾ گندگي جي وڌڻ سبب مڇرن جو وڏو آزار ٿي پيو آھي. ان جي نتيجي ۾ پليجاڻي ۽ ڀرپاسي  گيسٽرو مليريا خارش جي بيمارين ڪر کنيو آھي جڏهن ته بجلي پڻ ٽي ٽي ڏينھن بند ھجڻ ڪري علائيڪي واسين پريشان ٿي پيا آھن.هوڏانهن ٽنڊورحيم خان  ڀرسان ڪاڇي جي ڳوٺ ڌنو جي ٽڪري وٽ نئين گاج جي وهڪري ( ڍوري ) مٿان پل نه هجڻ ڪري علائقي واسين احتجاج  ڪيو. قلندر شاھ رودناڻي ، بلاول رودناڻي ، ارباب رودناڻي ، مير حسن ۽ ٻين ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گولو فقير لنڪ روڊ کي تباھ ٿيندي  ڪافي سال ٿي ويا آهن پر ڪو به روڊ جي بحالي لاءَ تحرڪ نپيو وٺي  ٻوڏ جي صورتحال ۾ ڳوٺن اندر گيسٽرو ، ڊائريا ۽ چمڙي جون بيماريون تيزي سان ڦهلجي رهيون آهن. مسوڀرڳڙي ۾ سانوڻي جي لاڳيتي برسات سبب مسوڀرڳڙي جي نيڪال واري کڏ ڀرجي اوور ٽاپ ٿي وئي ۽ برسات جو پاڻي گهٽين ۽ گهرن ۾ داخل  ٿي ويو. هيٺاهين وارا علائقا چنا پاڙو,خاصخيلي پاڙو,ترڪ محلو ۽ ميگهواڙ پاڙو مڪلمل پاڻي هيٺ آھن معصوم ٻار پاڻي مان گذري اسڪول وڃن ٿا رهواسين کي گهرن ۾ اچڻ لاء  سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ٻئي طرف يوسي توڙي ضلعي انتظاميا طرفان پاڻي نيڪال جا ڪي به اپاء نه ورتا آھن شهرين خادم خاصخيلي,تنوير چنا,حميد خاصخيلي,راجا ميگهواڙ,معشوق ترڪ,ڪيول,دليپ ڪمار,مجنون,نهال ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته مڇر مار اسپري ڪرائي، پاني نيڪال ڪرائي بيمارين کان بچايو وڃي.