نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ کنڀي گم ڪيل شاگرد فرحان کوسي جي وارثن سندس آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نور خاتون، انيلا رفيق، رضوان کوسو، رفيق ملاح ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينهن شاگرد فرحان کوسي کي بيگناهه گهر مان زبردستي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته سندن نوجوان ھڪ پر امن سياسي ڪارڪن سان گڏ شاگرد پڻ آھي، ھنن چيو ته شاگرد جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته شاگرد کي آزاد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو،