ملير: بدفعلي بعد قتل ٿيل نينگر جي وارثن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو

0
217
ملير ۾ نينگر بدفعلي بعد قتل
ملير ۾ بدفعلي بعد بيدردي سان قتل، ايف آءِ آر داخل

ملير: ملير جي علائقي ماروي ڳوٺ ۾ بدفعلي بعد قتل ٿيل نينگر جي وارثن قائد آباد ڀرسان قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھنيو آھي، جڏھن تھ مڇريل ماڻهن طرفان ٽائرن کي باهيون ۽ نعريبازي پڻ ڪئي

 شاهه لطيف ٽائون پوليس جِي اصل جوابدار فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو آھي

پوليس ماروي ڳوٺ ۽ گلشن حديد ۾ ڇاپا هڻي 17 شڪي گرفتار ڪري ورتا، 8 سالن جي شاڪر سيٺار کي گذريل رات بدفعلي بعد قتل ڪيو ويو هو

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد تيز ڌاري واري اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو