ملير:قديم سنڌي وسندي ڊاهڻ ۽ عورتن تي مبينا تشدد خلاف ڌرڻو

0
189

ملير: قديم سنڌي وسندي خاصخيلي ڳوٺ کي ڊاهڻ، عورتن ۽ ٻارڙن تي  مبينا تشدد خلاف متاثرن ڌرڻو هنيو آهي، جنهن دوران مامري جي اڻڌري جاچ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي

سنڌي وسندي جي رهواسين احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي ۽ الزام هنيو ته روينيو، اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن  ۽ ٻين قديمي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهر ڊاهي پٽ ڪيا آهن

هنن چيو ته عورت ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو  ويو آهي، گهرن مان سامان به کڻڻ نه ڏنو ويو، سنڌ حڪومت، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻيا نوٽيس وٺن

متاثرن مطالبو ڪيو آهي ته بي گهر ڪندڙ ادارن خلاف ڪارروائي ڪري عورتن ۽  ٻارڙن تي وحشياڻو تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي