مريم اورنگزيب جو عمران خان جي چونڊن واري اڳڪٿي تي رد عمل

0
221

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عام چونڊن جي اڳڪٿي بابت بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي

مريم اورنگزيب چيو ته ڇا عمران خان 2024 جي مئي ۽  اپريل ۾چونڊن جي اڳڪٿي ڪري ٿو، چونڊون اڳڪٿي ڪرڻ سان نه

 پر آئيني مدت پوري ٿيڻ بعد ٿينديون

هن چيو ته ڊيل ته توهان رٽائرڊ جنرل باجوا سان تاحيات ايڪسٽينشن تي ڪرڻ پئي چاهي، عمران خا صاحب ڊيل ته توهان  ايف آءِ اي جي ڊي جي سان به ڪرڻ پئي چاهي

وفاقي وزير  وڌيڪ چيو ته عمران خان ناڪام ٿيڻ کانپوءِ خواب ڏسڻ شروع ڪيا آهن ۽ اڳڪٿيون ڪري رهيو آهي، کيس خبر آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون