پوليس اهلڪار آهيون، ڇا جو ڀاڙو؟، اهلڪارن جي مفت سفر ڪرڻ واري وڊيو وائرل

0
793

لاڙڪاڻو: پيپلز بس سروس ۾ پوليس اهلڪار مفت ۾ سفر  ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي

پيپلز بس تي سوار پوليس اهلڪارن جا ڀاڙو گهرندڙ ڪنڊيڪٽر کي داٻا ڏيڻ واري وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پوليس کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بس ۾ سفر دوران ڀاڙو گهرڻ تي اهلڪار ڪنڊيڪٽر کي داٻا ۽ دڙڪا ڏئي رهيا آهن

پوليس اهلڪارن جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شهرين ڀاڙو نه  ڏيندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي